Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:10 - Sindhi Bible

10 هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هوڏانهن زبح ۽ ضلمنع پنهنجي لشڪرن سميت قرقور ۾ هئا. اوڀر جي ماڻهن جي لشڪرن مان رڳو اهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو وڃي بچيا هئا، جڏهن تہ هڪ لک ويهہ هزار تلوارباز قتل ٿي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن موآب جي بادشاهہ ڏٺو تہ سندس لاءِ جنگ ڏاڍي سخت ٿي پيئي آهي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ ترار مار ماڻهو کنيا، انهيءَ لاءِ تہ ادوم جي بادشاهہ تائين وڙهي لنگهي وڃي: پر هو ائين ڪري نہ سگهيا.


۽ ابياہ ۽ سندس ماڻهن هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، ۽ هنن کي ڪُٺو: جنهنڪري اسرائيل جا پنج لک چونڊيل مرد مارجي ويا.


۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


۽ بني اسرائيل پنهنجن ڀائرن مان ٻہ لک زالون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون قيد ڪري کڻي ويا ۽ انهن سان گهڻو لٽ جو مال سامريہ ۾ آندائون.


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن بني بنيمين شهرن منجهان ڇويهہ هزار ماڻهو گڏ ڪيا، جن ترار ٿي کنئي، ۽ انهن کان سواءِ جبعہ جا رهاڪو هئا، جي شمار ۾ ست سؤ چونڊيل ماڻهو هئا.


۽ بنيمين جي مقابلي ۾ اسرائيل جا ماڻهو شمار ۾ چار لک جوان هئا، جن ترار ٿي کنئي؛ اهي سڀ جنگي پهلوان هئا.


۽ سڄي قوم جا سردار، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن جا ماڻهو، جي خدا جي قوم جي جماعت ۾ اچي حاضر ٿيا، سي چار لک پيادا هئا، جن ترار ٿي کنئي.


۽ انهيءَ ٻئي ڏينهن بني بنيمين جبعہ مان نڪري هنن تي ڪاهي آيا، ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري زمين تي ڪيرائي وڌائون؛ انهن سڀني ترار کنئي هئي.


۽ خداوند بنيمين کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني: انهيءَ ڏينهن بنيمين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو بني اسرائيل ماري ناس ڪيا: انهن سڀني ترار کنئي هئي.


انهيءَ طرح بنيمين جا جيڪي ماڻهو انهي ڏينهن مئا سي پنجويهہ هزار ترار کڻندڙ ماڻهو هئا؛ اُهي سڀ همت وارا پهلوان هئا.


ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.


۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.


پوءِ جدعون انهن جي پاسي ويو جي نبح ۽ يگبهاہ جي اُڀرندي، تنبن ۾ رهندا هئا، ۽ انهن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين؛ ڇالاءِ جو هو بي خبرا آرام ۾ ويٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ