Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:1 - Sindhi Bible

1 ۽ افرائيم جي ماڻهن هن کي چيو تہ ڇالاءِ تو اسان سان اهڙي هلت ڪئي آهي، جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين، تڏهن اسان کي نہ سڏيَئِي؟ ۽ هو انهيءَ سان تکو ڳالهائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهن بعد افرائيم جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تو اسان سان ائين ڇو ڪيو جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين تڏهن اسان کي سڏ بہ نہ ڪيئِہ؟“ هو انهيءَ ڳالهہ بابت ساڻس تکو ڳالهائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟


۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن اسرائيل جي ماڻهن کي ورنديءَ ۾ چيو تہ هن ڪري جو بادشاهہ اسان جو ويجهو مائٽ آهي: تڏهن اوهين انهيءَ ڪري ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ اسان بادشاهہ جي خرچ تي ڪي کاڌو آهي ڇا؟ يا هن اسان کي ڪا بخشش ڏني آهي ڇا؟


ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ