Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن انهن ماڻهن پنهنجو کاڌو، ۽ پنهنجون قرنائون پنهنجن هٿن ۾ کنيون: ۽ باقي اسرائيل کي هن سندس تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، پر اُهي ٽي سؤ ماڻهو پاڻ وٽ رکيائين: مديانين جي منزلگاهہ سندس هيٺان واديءَ ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو جِدعون ٻين سڀني ماڻهن کان سندن سيڌو سامان ۽ نفيلون وٺي کين گھرن ڏانهن روانو ڪيو، پر انهن ٽي سؤ ماڻهن کي پاڻ وٽ رهايائين. مديانين جي خيمي‌گاهہ سندن هيٺان ماٿريءَ ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.


تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.


هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.


تڏهن ماڻهن رڙيون ڪيون ۽ ڪاهنن قرنائيون وڄايون: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهن قرنائين جو آواز ٻڌو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪيائون، تڏهن ڀت هيٺ ڪري پيئي، ۽ ماڻهو چڙهي شهر ۾ ويا، سڀڪو سڌو پنهنجي سامهون ويو، ۽ هنن شهر وٺي هٿ ڪيو.


۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو.


تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.


۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جن ٽن سوَن ماڻهن پاڻي لڪيو آهي، تنهن جي هٿان آءٌ اوهان کي بچائيندس، ۽ مديانين کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس: باقي ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.


۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند هن کي چيو تہ اُٿ، هيٺ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ، ڇالاءِ جو اُها مون تنهنجي هٿن ۾ ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ