Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هرڪو ماڻهو منزلگاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو: ۽ سڄو لشڪر ڊوڙڻ لڳو؛ ۽ هنن واڪا ڪري هنن کي ڀڄائي ڪڍيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هر ڪو ماڻهو خيمي‌گاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي بيهي رهيو ۽ مديانين جو سڄو لشڪر رڙيون ڪندو ڀڄي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي ماريو؛ ۽ ارامي اُٿي ڀڳا ۽ اسرائيلي انهن جي پٺيان پيا: ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد گهوڙي تي چڙهي هڪڙي گهوڙي سوار سان گڏ جند ڇڏائي ڀڳو.


۽ هن چيو تہ اي يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ اي يروشلم جا سڀ رهاڪو، ۽ اي يهوسفط بادشاهہ، اوهين سڀ ٻڌو: خداوند اوهان کي هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ڊڄو نہ ۽ هن وڏي ڪٽڪ جي ڪري خوف نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هيءَ جنگ اوهان جي نہ آهي پر خدا جي آهي.


اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


۽ ٽنهي ٽولين قرنائون وڄايون، ۽ دلا ڀڳائون، ۽ مشعلون کاٻي هٿ ۾ جهليائون، ۽ قرنائون ساڄي هٿ ۾، ۽ انهن کي وڄايائون، ۽ وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ خداوند جي، ۽ جدعون جي ترار.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ