قاضين 7:2 - Sindhi Bible2 ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جيڪي ماڻهو تو سان گڏ آهن سي ايترا تہ گھڻا آهن جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نہ ٿو گھران. متان بني اسرائيل منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ ’اسان پنهنجي طاقت سان پاڻ کي ڇڏايو آهي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.