Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هن اُهي ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا، ۽ انهن سڀني جي هٿن ۾ قرنائون، ۽ خالي دلا ڏنائين، ۽ انهن دلن ۾ مشعلون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هن پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا. هن انهن سڀني جي هٿن ۾ نفيلون ۽ خالي دلا ڏنا. هر هڪ دلي ۾ هڪ مشعل هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا.


۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.


پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


۽ انهن کي چيائين تہ مون ڏانهن نهارجو، ۽ جيئن آءٌ ڪريان تيئن ڪجو: ۽ ڏسو: جڏهن آءٌ منزلگاهہ جي ٻاهرين پاسي وٽ اچان، تڏهن هيئن ٿئي تہ جيئن آءٌ ڪريان تيئن اوهين بہ ڪجو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ