Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن جِدعون اتي پهتو تڏهن هن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائيندي ٻڌو. هن چيو پئي تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ جَون جي اٽي مان پڪل هڪڙو ڍوڍو اوچتو اچي اسان مديانين جي خيمي‌گاهہ تي ڪريو ۽ هڪڙي تنبوءَ کي اهڙي تہ زور سان اچي لڳو جو اهو تنبو ڪلٽي کائي ڪري پيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.


تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي کنئي، ۽ مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي، ۽ اُها ڪلي هن جي لوندڙين ۾ ٺوڪي هنيائين، ۽ اُها آرپار لنگهي وڃي زمين ۾ کُتي؛ ڇالاءِ جو هن کي گهري ننڊ اچي ويئي هئي، تنهنڪري هو بيهوش ٿي مري ويو.


تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ اسرائيل کي ڪهڙيءَ طرح ڇڏايان؟ ڏس، منسي ۾ منهنجو قبيلو سڀني کان غريب آهي، ۽ آءٌ پنهنجي اباڻي گهراڻي ۾ سڀني کان ننڍو آهيان.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي.


هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ