Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:12 - Sindhi Bible

12 ۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مدياني، عماليقي ۽ سڀ اوڀر وارا ماڻهو ماٿريءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا. سندن اٺ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي ذرڙن وانگر بي‌شمار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل گڏ ٿي، کاڌي پيتي جو سامان وٺي هنن تي ڪاهي هليا: ۽ بني اسرائيل هنن جي اڳيان ڇيلن جي ٻن ننڍڙن ڌڻن وانگر لٿل هئا؛ پر ارامين سان سارو ملڪ ڀرجي ويو هو.


۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي.


اي خداوند، منهنجا دشمن ڪيئن نہ وڌي ويا آهن! ۽ جيڪي منهنجي برخلاف اُٿيا آهن، سي گهڻا ئي آهن.


اهڙو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي جو پنهنجي گهڻي لشڪر جي ڪري بچي وڃي: ۽ نڪو اهڙو بهادر آهي جو پنهنجي گهڻيءَ طاقت جي ڪري ڇٽي وڃي.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.


۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون.


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛


تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.


ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.


۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.


هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ