Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جيڪي هو چوندا سو تون ٻڌندين؛ ۽ تنهن کان پوءِ تنهنجا هٿ منزلگاهہ ۾ لهي وڃڻ لاءِ مضبوط ٿيندا. تڏهن هو پنهنجي ٻانهي فوراہ سان گڏجي منزلگاهہ ۾ لشڪر جي ٻاهرين پاسي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل ائين ٿئي، تہ جنهن ڇوڪريءَ کي آءٌ چوان تہ مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيان؛ ۽ هوءَ چوي تہ ڀلي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس؛ اُها ئي ڇوڪري تنهنجي طرفان تنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ مقرر ڪيل هجي؛ ۽ انهيءَ مان مون کي خبر پوندي تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.


۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.


ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.


پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا.


تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


پر جي تون هيٺ لهڻ کان ڊڄين تہ پنهنجي ٻانهي فوراہ کي وٺي انهيءَ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ:


۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.


۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ