Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن يروبعل، جو جدعون آهي، ۽ ٻيا ماڻهو جي ساڻس هئا، سي سڀ صبح جو سوير اُٿيا ۽ حرود جي چشمي جي پاسي ۾ تنبو هنيائون: ۽ مديانين جي منزلگاهہ هنن جي اُتر ڏانهن واديءَ ۾، مورہ جي ٽڪر جي ڀرسان هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هڪڙي ڏينهن جِدعون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ هئا سي سڀ صبح جو سوير اٿيا ۽ حرود چشمي جي ڀرسان وڃي پنهنجا خيما کوڙيائون. مديانين جي خيمي‌گاهہ هنن جي اتر طرف مورہ ٽڪريءَ جي ڀرسان ماٿريءَ ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.


تون انهن سان بہ مديان وانگر ڪر؛ ۽ جيئن قيسون جي نهر وٽ سيسرا ۽ يابين سان ڪيو هوءِ:


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


اهي ٻئي جبل يردن جي پرئين ڀر، اُلهندي پاسي انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ نہ آهن ڇا، جي جلجال جي سامهون مورهہ جي صنوبرن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن؟


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.


تنهنڪري انهيءَ ڏينهن هن انهيءَ جو نالو يروبعل رکيو، ۽ چيائين تہ جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاهي آهي، تنهن سان هو پاڻ پڄي.


تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.


۽ خدا انهيءَ رات ائين ئي ڪيو: ڇالاءِ جو فقط پوستين سڪل رهي، باقي سڀ زمين تي ماڪ هئي.


۽ يروبعل بن يوآس وڃي پنهنجي گهر ۾ رهڻ لڳو.


۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ