Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن خداوند بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو: ۽ انهيءَ هنن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي مصر مان آندو، ۽ ٻانهپ جي گهر مان اوهان کي ڪڍي آيس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.


۽ مصرين جي هٿن مان، ۽ جيڪي اوهان تي ظلم ڪندا هئا، تن سڀني جي هٿن مان اوهان کي ڇڏايم، ۽ انهن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍيم، ۽ انهن جي زمين اوهان کي ڏنم؛


۽ بني اسرائيل کي چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي مصرين جي هٿان، ۽ اُهي سڀ حڪومتون جي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون، تن جي هٿان ڇڏايم؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ