Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اسرائيل مديانين جي ڪري تمام ذليل ٿيا؛ پوءِ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سو مديانين بني اسرائيل کي اهڙو تہ بدحال بڻائي ڇڏيو جو هو خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.


۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين.


تڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، جو اسان پنهنجي خدا کي ڇڏي بعليم جي عبادت پئي ڪئي آهي.


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


۽ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي دانهون ڪيون، تڏهن هن هڪڙو بچائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اُٿاريو، جنهن هنن کي ڇڏايو، ۽ اُهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غٿني ايل هو.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ