Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هو پنهنجي چوپائي مال ۽ تنبن سميت مڪڙن جي ڪٽڪ وانگر ايندا هئا ۽ ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ توڙي سندن اٺ ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن.


اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا.


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.


هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.


اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.


لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.


تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ