Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل وري بہ اهي ئي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، تنهنڪري خداوند انهن کي ستن سالن تائين مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا.


پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.


مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا.


تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو.


هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي بني عمون جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو.


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم جي عبادت ڪرڻ لڳا:


۽ جدعون انهي کي چيو تہ اي منهنجا سائين، جيڪڏهن خداوند اسان سان هجي ها تہ پوءِ هي واقعا ڇو اسان تي ٿي گذرن؟ ۽ هن جا سڀ اُهي عجيب ڪم ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي چيو تہ خداوند اسان کي مصر مان هتي آندو. پر هاڻي خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ