Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:9 - Sindhi Bible

9 منهنجي دل اسرائيل جي حاڪمن جي پاسي آهي، جن ماڻهن منجهان پاڻ کي خوشيءَ سان آڻي حاضر ڪيو: اوهين خدا کي سڳورو ڄاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ماڻهن خوشيون ڪيون، جو رضامنديءَ سان ڏنائون، ڇالاءِ جو انهن پوريءَ دل سان ۽ رضامنديءَ سان خداوند جي لاءِ ٿي ڏنو: ۽ دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


۽ انهيءَ کانپوءِ عمسياہ بن زڪري، جنهن خوشيءَ سان پاڻ کي خداوند جي لاءِ حاضر ڪيو؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ لک همت وارا بهادر مرد هئا:


۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.


۽ جن ماڻهن خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني کي ماڻهن برڪت جي دعا ڏني.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


ڇالاءِ جو هن اسان جي هدايت قبول ڪئي ۽ کيس بہ ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن هليو آيو.


تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.


اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ