Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:8 - Sindhi Bible

8 هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون،


انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


ڪماندارن جي آواز کان پري، پاڻي ڀرڻ وارين جاين ۾، هو خداوند جي سچائيءَ جي ڪمن جو بيان ڪندا، يعني اسرائيل ۾ هن جي حڪومت جا سچائيءَ وارا ڪم. تنهن کان پوءِ خداوند جي قوم دروازن ڏانهن لهي ويئي.


اسرائيل ۾ حاڪم موقوف ٿي ويا، اُهي موقوف ٿي ويا، جيسين آءٌ دبورہ اُٿيس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ ٿي اُٿيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ