Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:30 - Sindhi Bible

30 تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي، اسرائيل يوسف کي پنهنجي سڀني پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو اهو سندس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ هن کي هڪڙو رنگارنگي ڪُرتو جوڙائي ڏنو هئائين.


۽ هن کي بت تي گهڻن رنگن جي پوشاڪ پيل هئي: ڇالاءِ جو بادشاهن جون ڌيئرون جي ڪنواريون هونديون هيون سي اهڙي پوشاڪ ڍڪينديون هيون. تڏهن هن جي نوڪر هن کي ٻاهر ڪڍي پٺيانس در بند ڪري ڇڏيو.


تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟


هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.


لشڪرن جا بادشاهہ ڀڄي ويا، اهي جلد ڀڳا: ۽ جا زال گهر ۾ ويٺي هئي تنهن لٽ جو مال ورهايو.


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن.


دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي.


جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.


بادشاهہ آيا ۽ اچي وڙهيا، پوءِ ڪنعان جا بادشاهہ، تنعاڪ ۾ مجدو جي پاڻين وٽ وڙهيا: هنن کي ڪو ذري جو فائدو ڪونہ مليو.


سندس ڏاهيءَ زال ورندي ڏنيس، بلڪ هن پاڻهي پاڻ کي ورندي ڏيئي چيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ