Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:3 - Sindhi Bible

3 ٻڌو، اي بادشاهہ، ڪن ڏيو اي شهزادا، آءٌ خداوند جي لاءِ راڳ ڳائينديس؛ آءٌ خداوند اسرائيل جي خدا جي تعريف ڪنديس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اي بادشاهؤ ۽ سردارؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند لاءِ گيت ڳائينديس، هائو، آءٌ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪنديس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن.


ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛


تڏهن ايلياہ ماڻهن کي چيو تہ فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي آهيان جو خداوند جو نبي بچيو آهيان؛ پر بعل جا نبي ساڍا چار سؤ ماڻهو آهن.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.


آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.


منهنجي چوڌاري جيڪي منهنجا دشمن آهن، تن تي هاڻي منهنجو ڪنڌ مٿي ٿيندو؛ ۽ آءٌ هن جي خيمي ۾ خوشيءَ جون قربانيون چاڙهيندس؛ آءٌ ڳائيندس، هائو آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس.


سو آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس، تہ آءٌ هر روز پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريان.


۽ ڏس مون دان جي قبيلي واري، اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي، هن سان گڏ مقرر ڪيو آهي؛ ۽ سڀني هوشيار ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهي لاءِ تہ جنهن جو مون توکي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ جوڙي تيار ڪن.


تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نالي جو اعلان ڪندس: اوهين اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو.


اسرائيل ۾ حاڪم موقوف ٿي ويا، اُهي موقوف ٿي ويا، جيسين آءٌ دبورہ اُٿيس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ ٿي اُٿيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ