قاضين 5:23 - Sindhi Bible23 خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible23 خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بيشمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.