Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:20 - Sindhi Bible

20 هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڇوجو آسمان مان تارا لهي سپهہ‌سالار سيسرا سان اچي وڙهيا. هائو، انهن پنهنجي منزلن کان لهي اچي ساڻن جنگ جوٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.


۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.


۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو.


قيسون ندي هنن کي ٻوڙي کڻي ويئي، اُها قيسون جا قديم ندي آهي. اي منهنجي جان، تون زور سان اڳتي ڪاهي هل.


۽ جيئن سموئيل اُها سوختني قرباني پئي چاڙهي تيئن فلستي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ويجها آيا، پر انهي ڏينهن خداوند ڏاڍي گجگار سان فلستين تي گجيو، ۽ هنن کي ڊيڄاري بي آرام ڪري ڇڏيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي اڳيان مارجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ