Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:13 - Sindhi Bible

13 تنهن کان پوءِ اميرن ۽ عام ماڻهن مان باقي بچيل لهي آيا؛ خداوند منهنجي لاءِ زور وارن سان وڙهڻ لاءِ لهي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ان وقت جيڪي باقي بچيل عام ماڻهو هئا، سي بہ لشڪر جي سالارن وٽ ماٿريءَ ۾ لهي آيا. هائو، خداوند جا ماڻهو زورآورن سان وڙهڻ لاءِ برق وٽ لهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي قبر ۾ ويندڙ ڌڻ وانگي ٺهرايل آهن، ۽ موت انهن جو ڌنار ٿيندو: سچار انهن تي صبح جو حڪومت ڪندو؛ ۽ انهن جي سونهن قبر جو قوت ٿي ويندي، تہ انهن جي لاءِ ڪا جاءِ نہ رهي.


پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.


۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


جاڳ جاڳ، اي دبورہ جاڳ، ۽ ڪو راڳ ڳاءِ: اُٿ، اي برق، اي ابي نوعم جا پٽ، اُٿ، ۽ پنهنجي قيدين کي قيد ڪر.


افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن.


خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ