Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:11 - Sindhi Bible

11 ڪماندارن جي آواز کان پري، پاڻي ڀرڻ وارين جاين ۾، هو خداوند جي سچائيءَ جي ڪمن جو بيان ڪندا، يعني اسرائيل ۾ هن جي حڪومت جا سچائيءَ وارا ڪم. تنهن کان پوءِ خداوند جي قوم دروازن ڏانهن لهي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شام جو، جنهن وقت زالون پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، تنهن وقت شهر کان ٻاهر پاڻيءَ جي کوهہ وٽ اُٺ آڻي جهڪايائين.


۽ هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي، ۽ اتي رڍن جا ٽي ڌڻ انهيءَ کوهہ جي ڀر ۾ ويٺا آهن؛ ڇالاءِ جو انهيءَ کوهہ مان انهن ڌڻن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪڙو وڏو پهڻ رکيل هو؛


۽ جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن انهيءَ پهڻ کي کوهہ جي منهن تان اُٿلائي، رڍن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ پوءِ وري اهو پهڻ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا.


جڏهن آءٌ شهر جي دروازي ڏي نڪري ويندو هوس، ۽ جڏهن آءٌ گهٽيءَ ۾ پنهنجو مسند تيار ڪندو هوس.


اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.


تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.


۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو.


تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين.


بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.


تہ اسرائيلي ڇوڪريون هر سال چار ڏينهن افتاح جلعاديءَ جي ڌيءَ جي يادگاري قائم ڪرڻ لاءِ روئنديون هيون.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ