۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.
تنهن کانپوءِ هو سڀ، يعني يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳيان يهوسفط خوشيون ڪندا يروشلم ڏي موٽيا؛ ڇالاءِ جو خداوند هنن کي سندن دشمنن تي شادمان ڪيو.
تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.
۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.