Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن دبورہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو سان گڏجي هلنديس، پر سوڀ ۾ تنهنجو نالو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند سيسرا سپهہ‌سالار کي هڪڙي عورت جي حوالي ڪري ڇڏيندو.“ پوءِ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس شهر ڏانهن ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


۽ برق هن کي چيو تہ جي تون مون سان هلندينءَ تہ آءٌ ويندس، پر جي تون مون سان نہ هلندينءَ تہ آءٌ ڪين ويندس.


تڏهن ڪنهن زال جنڊ جو مٿيون پڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اُڇلايو، جنهنڪري هن جي کوپڙي ڀڄي پئي.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ