Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“


هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


پوءِ اُها سرحد وڃي تبور، ۽ شخصيماہ، ۽ بيت شمس تائين پهتي؛ ۽ هنن جي سرحد جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي: سورهن شهر سندن ڳوٺن سميت.


ڇهين ڪڻي وارو حصو بني نفتاليءَ جو نڪتو، يعني بني نفتاليءَ جو سندن قبيلن موجب.


۽ قلعن وارا شهر هئا صديم، صير، ۽ حماٿ، رقٿ، ۽ ڪنرٿ؛


۽ قادس، ۽ ادرعي، ۽ عين حصور؛


۽ نفتالي جي فرقي مان، جليل ۾ قادس، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ حمات دور، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتان، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٽي شهر.


۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.


تڏهن انهيءَ ڏينهن دبورہ ۽ برق بن ابي نوعم هڪڙو راڳ ڳايو، تہ،


۽ هن منسيءَ جي قبيلي ڏانهن قاصد روانا ڪيا؛ ۽ اُهي بہ هن جي پٺيان اچي گڏ ٿيا؛ ۽ هن آشر، ۽ زبولون، ۽ نفتاليءَ ڏانهن ماڻهو موڪليا؛ ۽ اُهي هن کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا.


تڏهن هن زبح ۽ ضلمنع کي چيو تہ اُهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا جن کي اوهان تبور ۾ ڪُٺو هو؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ هو بہ اهڙا هئا جهڙو تون آهين، انهن مان هرڪو بادشاهہ جي پٽن جهڙو هو.


تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو:


۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ