Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هوءَ افرائيم جي جابلو علائقي ۾، رامہ ۽ بيت‌ايل شهرن جي وچ ۾ هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهندي هئي ۽ بني اسرائيل اتي وٽس اچي فيصلا ڪرائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي ربقہ جي دائي دبورہ مري ويئي، ۽ انهيءَ کي بيت ايل جي هيٺانهين پاسي بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ انهيءَ وڻ جو نالو الون بڪوت (روئڻ جو وڻ) رکيائون.


ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ، موسيٰ ماڻهن جي عدالت ڪرڻ ويٺو، ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين موسيٰ جي اڳيان بيٺا هئا.


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان.


هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر.


اهي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا هئا؛ مشڪل مقدما اهي موسيٰ وٽ آڻيندا هئا، ۽ ننڍا مقدما پاڻ هلائيندا هئا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.


۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛


۽ بيٿ عرابہ، ۽ صمريم، ۽ بيت ايل؛


هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.


هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.


۽ سائول ٻڌو تہ دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن جو پتو پيو آهي: هاڻي سائول رامہ ۾ لئيءَ جي وڻ هيٺ جبعہ ۾ ويٺو هو، ۽ نيزو هٿ ۾ هوس، ۽ سندس سڀ نوڪر آس پاس بيٺا هئا.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ