Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:3 - Sindhi Bible

3 ۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.


۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.


تڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، جو اسان پنهنجي خدا کي ڇڏي بعليم جي عبادت پئي ڪئي آهي.


۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي.


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


۽ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي دانهون ڪيون، تڏهن هن هڪڙو بچائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اُٿاريو، جنهن هنن کي ڇڏايو، ۽ اُهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غٿني ايل هو.


تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا.


هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


۽ اسرائيل مديانين جي ڪري تمام ذليل ٿيا؛ پوءِ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا.


۽ بني اسرائيل سموئيل کي چيو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا جي اڳيان دانهن ڪرڻ کان متان بس ڪرين، تہ هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ