Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:23 - Sindhi Bible

23 انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو انهيءَ ڏينهن خداوند ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان زير ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.


تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.


ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي.


يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


هو قومن کي اسان جي تابع ڪندو، ۽ ملڪن کي اسان جي پيرن هيٺ آڻيندو.


تہ آءٌ سندن دشمنن کي سگهو ئي مغلوب ڪريان، ۽ سندن ويرين جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


۽ ڏس جڏهن برق سيسرا جي پٺيان آيو تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي هن کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اچ تہ آءٌ توکي اُهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو: ۽ هو وٽس آيو؛ ۽ ڏس، سيسرا مئو پيو هو، ۽ تنبوءَ جي ڪلي لوندڙين ۾ لڳي پيئي هيس.


۽ بني اسرائيل جو هٿ ڪنعان جي بادشاهہ يابين تي غالب ٿيندو ويو، اهڙو جو هنن ڪنعانين جي بادشاهہ يابين کي صفا ناس ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ