Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:14 - Sindhi Bible

14 ۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن دبورہ برق کي چيو تہ ”اُٿي وڃ، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. ڏس، خداوند تنهنجي اڳيان هلندو.“ سو برق پنهنجي ڏهہ هزار ماڻهن سان تبور جبل تان لٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توتن جي وڻن جي مٿان هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن تون چُرجانءِ: ڇالاءِ جو انهيءَ وقت خداوند تنهنجي اڳيان فلستين کي مارڻ لاءِ نڪري هلندو.


ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا.


۽ هن چيس تہ اُٿ تہ هلون؛ پر جواب ڏيڻ وارو ڪو ڪونہ هو: تڏهن هن انهي کي کڻي گڏهہ تي رکيو، ۽ اُهو ماڻهو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.


۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.


۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند هن کي چيو تہ اُٿ، هيٺ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ، ڇالاءِ جو اُها مون تنهنجي هٿن ۾ ڏني آهي.


۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ