اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:
۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟