Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي دانهون ڪيون، تڏهن هن هڪڙو بچائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اُٿاريو، جنهن هنن کي ڇڏايو، ۽ اُهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غٿني ايل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاريو، تڏهن هن هڪڙو ڇڏائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اٿاريو، جنهن کين ڇڏايو. اهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غتني‌ايل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


۽ ڪالب جي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ انهي کي هن پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني.


۽ ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ هن انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏني.


تڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، جو اسان پنهنجي خدا کي ڇڏي بعليم جي عبادت پئي ڪئي آهي.


۽ خداوند قاضي اُٿاريا، جن انهن کي سندن ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان بچايو.


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.


۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ