Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:7 - Sindhi Bible

7 ۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:7
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب يسيرت جوڙايو؛ ۽ اخي آب اڃا بہ ٻيا ڪم ڪيا جن سان خداوند اسرائيل جي خدا کي ايترو ڪاوڙايائين جيترو اسرائيل جي ٻين بادشاهن نہ ڪاوڙايو هو، جي کانئس اڳي ٿي گذريا هئا.


تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي سڀ اسرائيلي ڪرمل جبل تي مون وٽ گڏ ڪرائي ڏي، ۽ بعل جي ساڍن چئن سوَن نبين کي، ۽ يسيرت جي چئن سوَن نبين کي بہ، جي ايزبل جي دسترخاني تي ماني ٿا کائن.


۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.


۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.


۽ بادشاهہ آسا جي ماءُ معڪہ کي بہ هن ملڪہ جي درجي تان لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو انهيءَ يسيرت لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت جوڙي هئي، ۽ آسا اها مورت وڍي ڇڏي، ۽ انهيءَ کي قدرون نهر تي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيائين.


۽ پوءِ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي ڇڏي ڏنو، ۽ يسيرتن ۽ بُتن جي بندگي ڪرڻ لڳا؛ ۽ انهيءَ گناهہ ڪرڻ ڪري يهوداہ ۽ يروشلم تي غضب نازل ٿيو.


هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.


ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين.


ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو.


۽ هن قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏيون، ۽ يسيرتن، توڙي اُڪريل مورتن کي ڪُٽي اٽو ڪري ڇڏيائين، ۽ اسرائيل جي ساري سرزمين ۾ سڀ سج جون مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ يروشلم ڏي موٽي آيو.


اُٽلندو انهن قومن ۾ ملي ويا، ۽ انهن جا ڪم سکڻ لڳا:


۽ انهن جي بتن جي عبادت ڪيائون جي انهن جي لاءِ ڦندو ٿي پيا.


اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.


بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.


اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.


تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربانگاهہ جوڙين، تنهن جي آس پاس پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي يسيرہ نہ کوڙج.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


تون خبردار رهج، ائين نہ ٿئي جو تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، ۽ جيڪي هن جا حڪم، ۽ فيصلا، ۽ قانون مون اڄ توکي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪرين:


تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛


پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ اُنهي رات خداوند هن کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو ڍڳو وٺ، يعني اهو ٻيو ڍڳو جو ستن ورهين جو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي جيڪا بعل واري قربانگاهہ آهي، تنهن کي ڀڃي ڇڏ، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ جيڪا يسيرت آهي، تنهن کي وڍي ڇڏ:


۽ هيئن ٿيو جو جدعون جي مرڻ شرط، بني اسرائيل وري بہ ڦري ويا، ۽ بعليم جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، ۽ بعل بريت جي عبادت ڪرڻ لڳا.


۽ بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ياد نہ ڪيو، جنهن هنن کي سڀ ڪنهن پاسي، سندن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏايو هو:


۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ