Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:2 - Sindhi Bible

2 تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهو انهيءَ ڪري ڪيائين تہ جيئن هو بني اسرائيل جي هر پيڙهيءَ کي جنگ ڪرڻ سيکاري جن کي جنگ جو تجربو ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.


بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.


تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.


انهيءَ هوندي بہ هو انهيءَ جا ٻانها ٿيندا؛ تہ ڀلي هنن کي منهنجي خدمت، ۽ ملڪن جي بادشاهن جي خدمت جي وچ ۾ خبر پوي.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.


آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛


هاڻي اُهي قومون هي آهن، جي خداوند ڇڏي ڏنيون، انهي لاءِ تہ انهن جي وسيلي اسرائيل کي آزمائي، يعني انهن سڀني کي، جن کي ڪنعانين جي سڀني جنگين جي خبر نہ هئي؛


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ