14 ۽ بني اسرائيلين ارڙهن ورهيہ موآب جي بادشاهہ عجلون جي ٻانهپ ڪئي.
14 سو بني اسرائيل ارڙهن سالن تائين موآب جي بادشاهہ عجلون جي غلامي هيٺ رهيا.
۽ هُن انهن کي قومن جي حوالي ڪيو؛ ۽ جن کي انهن سان نفرت هئي سي مٿن حڪومت هلائڻ لڳا.
۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.
تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو.
۽ هن بني عمون، ۽ بني عماليق پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ انهن وڃي اسرائيل کي شڪست ڏني، ۽ کجين وارو شهر هٿ ڪيو.
پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.