Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هن بني عمون، ۽ بني عماليق پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ انهن وڃي اسرائيل کي شڪست ڏني، ۽ کجين وارو شهر هٿ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 عمون ۽ عماليق قبيلن کي عجلون پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ انهن وڃي بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ کجين واري شهر يريحو تي قبضو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏکڻ جو ملڪ، ۽ کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ضغر تائين ڏيکاريو.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


۽ خداوند بني اسرائيل کي چيو تہ مون اوهان کي مصرين کان، ۽ امورين کان، ۽ بني عمون کان، ۽ فلستين کان ڪين بچايو ڇا؟


صيدانين، ۽ عماليقين، ۽ ماعونين بہ اوهان تي ظلم ڪيا؛ ۽ اوهان مون وٽ دانهون ڪيون ۽ مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڇڏايو.


۽ بني عمون يردن لنگهي، يهوداہ ۽ بنيمين ۽ افرائيم جي گهراڻي سان بہ وڃي وڙهيا، جنهنڪري اسرائيلي ڏاڍا تنگ ٿيا.


۽ بني اسرائيلين ارڙهن ورهيہ موآب جي بادشاهہ عجلون جي ٻانهپ ڪئي.


افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن.


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ