Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:10 - Sindhi Bible

10 ۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتني‌ايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:10
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


پوءِ خدا جو روح عزرياہ بن عودد تي نازل ٿيو:


تڏهن يحزي ايل بن زڪرياہ، بن بناياہ، بن يعي ايل، بن متنياہ، جو لاوي هو، ۽ آسف جي پٽن مان هو، تنهن تي جماعت جي وچ ۾ خداوند جو روح نازل ٿيو؛


مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ؛ ۽ پنهنجو پاڪ روح مون کان پري نہ ڪر.


۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


پر موسيٰ چيس تہ توکي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ خدا ڪري تہ شل خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون، ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي نازل ڪري!


۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛


ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون،


تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو، ۽ هو جلعاد ۽ منسيءَ جي مٿين پاسي لنگهي، جلعاد جي مصفاہ ۾ آيو، ۽ جلعاد جي مصفاہ کان لنگهي بني عمون تائين پهتو.


تنهن کان پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويو، ۽ خداوند انهن کي هن جي حوالي ڪيو.


۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسقلون ۾ لهي ويو، ۽ انهن جا ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين، ۽ جن پرولي سلي انهن کي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين، ۽ هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر موٽي ويو.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين.


جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


۽ انهيءَ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو. پوءِ غٿني ايل بن قنز وفات ڪئي.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛


۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.


تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين.


۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ