Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي اُهي قومون هي آهن، جي خداوند ڇڏي ڏنيون، انهي لاءِ تہ انهن جي وسيلي اسرائيل کي آزمائي، يعني انهن سڀني کي، جن کي ڪنعانين جي سڀني جنگين جي خبر نہ هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سو خداوند اتي ڪجھہ قومون ڇڏي ڏنيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن جي ذريعي بني اسرائيل جي انهن سڀني ماڻهن کي آزمائي جن ڪنعان ۾ جنگيون نہ ڏٺيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن.


انهيءَ هوندي بہ بابل جي اميرن جا ايلچي، جي ڏانهس موڪليا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو عجيب ڪم انهيءَ زمين ۾ ڪيو ويو هو، تنهن بابت پڇا ڪن، تن جي نسبت ۾ خدا هن کي آزمائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيڪي هن جي دل ۾ آهي سو سڀ کيس معلوم ٿئي.


پر جيڪو رستو آءٌ وٺان ٿو سو هو ڄاڻي ٿو؛ جڏهن هو مون کي پرکيندو تڏهن آءٌ سون وانگر ظاهر ٿيندس.


تنهن تي هن خداوند کي پڪاريو؛ ۽ خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، سو جڏهن هن پاڻيءَ ۾ وڌو، تڏهن پاڻي مٺو ٿي پيو. اتي خداوند انهن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ قاعدو جوڙيو، ۽ اتي هن کين آزمايو:


صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.


مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي،


۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن.


جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري:


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


۽ ٻيا سڀ انهيءَ پيڙهيءَ وارا بہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيا: ۽ انهن کان پوءِ ٻي پيڙهي اُٿي، جي نڪي خداوند کي سڃاڻندا هئا، ۽ نڪي جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا، تن کان واقف هئا.


انهيءَ طرح خداوند انهن قومن کي هنن جي اڳيان جلد هڪلڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو؛ ۽ نڪي انهن کي يشوع جي هٿن ۾ ڏنائين.


تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ