Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:4 - Sindhi Bible

4 ۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ٻئي ڏينهن ماڻهو صبح جو سوير اٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائون ۽ انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.


۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


۽ چيائون تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، اسرائيل ۾ ائين ڇو ٿيو آهي، جو اڄ بني اسرائيل مان هڪڙو فرقو گهٽ ٿي ويو آهي؟


تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.


۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هن مضبوط ڳڙهہ جي چوٽيءَ تي، پوري بندوبست سان، هڪڙي قربانگاهہ جوڙ، ۽ اُهو ٻيو ڍڳو وٺي، يسيرت وارين وڍيل ڪاٺين سان سوختني قرباني چاڙهہ.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ