Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:2 - Sindhi Bible

2 ۽ اُهي ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ شام تائين خدا جي اڳيان ويٺا رهيا، ۽ دانهون ڪري زاروزار رنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر هاڻ هو بيت‌ايل ۾ آيا جتي هو شام تائين خدا جي آڏو ويٺا رهيا ۽ دانهون ڪري زارزار پئي رنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا، تو وٽ فقط هڪڙي برڪت آهي ڇا؟ مون کي، هائو مون کي بہ برڪت ڏي. ۽ عيسو زار زار روئڻ لڳو.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.


۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


۽ هنن يبيس جلعاد جي رهاڪن مان چار سؤ جوان ڪنواريون زالون لڌيون، جي مڙس سان نہ سمهيون هيون: ۽ انهن کي هو سيلا جي لشڪرگاهہ ۾ وٺي آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي.


۽ چيائون تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، اسرائيل ۾ ائين ڇو ٿيو آهي، جو اڄ بني اسرائيل مان هڪڙو فرقو گهٽ ٿي ويو آهي؟


تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن ايترو زور سان رُنو جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ