Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهيءَ جاءِ کي هنن بوڪيم سڏيو، ۽ اُتي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ ڪري انهيءَ جاءِ جو نالو بوڪيم پئجي ويو. پوءِ اتي هنن خداوند جي لاءِ قربانيون پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي ربقہ جي دائي دبورہ مري ويئي، ۽ انهيءَ کي بيت ايل جي هيٺانهين پاسي بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ انهيءَ وڻ جو نالو الون بڪوت (روئڻ جو وڻ) رکيائون.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


تڏهن منوحہ ڇيلو، کاڌي جي قربانيءَ سميت کڻي خداوند جي اڳيان ٽڪر تي پيش ڪيو: ۽ فرشتي هڪڙو عجب جهڙو ڪم ڪيو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ٻئي نهاريندا رهيا.


۽ خداوند جو فرشتو جلجال مان بوڪيم ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو اٿم جنهن جي بابت اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هوم؛ ۽ اوهان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ڪڏهن بہ نہ ڀڃندس:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.


هاڻي جڏهن يشوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي موروثي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ ويو.


تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.


۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ