Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن انهيءَ ملائڪ سڄي بني اسرائيل کي خداوند جو اهو فرمان ٻڌائي بس ڪئي تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.


جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا.


۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.


ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.


افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.


انهي ڪري مون چيو تہ هنن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس؛ پر اُهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا، ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ دام ٿيندا.


۽ انهيءَ جاءِ کي هنن بوڪيم سڏيو، ۽ اُتي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيائون.


تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ