Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ خداوند قاضي اُٿاريا، جن انهن کي سندن ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان بچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ خداوند انهن لاءِ رهبر مقرر ڪيا، جن انهن کي ڦورن جي هٿن مان ڇڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


۽ اِنهن ڳالهين کانپوءِ هنن لاءِ سموئيل نبيءَ جي زماني تائين قاضي مقرر ڪيائين.


ابيملڪ کان پوءِ اسرائيل جي بچائڻ لاءِ اشڪار جو هڪڙو ماڻهو، تولع، بن فوہ، بن دودو اُٿيو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ سمير منجهہ رهندو هو.


تنهن کان پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويو، ۽ خداوند انهن کي هن جي حوالي ڪيو.


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.


۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.


تڏهن خداوند هن تي نگاهہ ڪئي، ۽ چيائينس تہ انهيءَ پنهنجي زور ۾ وڃي اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ: مون توکي نہ موڪليو آهي ڇا؟


جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو.


۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


۽ هن بهادري جا ڪم ڪيا، ۽ عماليقين کي ماريائين، ۽ اسرائيل کي انهن جي هٿان ڇڏايائين، جن هنن کي ڦريو ۽ لٽيو ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ