Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 شام جو جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي سريت ۽ پنهنجي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿيو تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڏس، هاڻي سج لهڻ تي آهي، سو رات هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ. سڀاڻي سوير اُٿي ڀلي پنهنجي گھر هليو وڃجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


پر انهيءَ ماڻهو اُها رات اُتي ٽڪڻ جي نہ ڪئي، ۽ اُٿي هليو، ۽ يبوس جي سامهون آيو (جو يروشلم آهي): ۽ هن سان ٻہ گڏهہ زين پيل هئا؛ ۽ سندس سريت بہ ساڻس هئي.


تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.


۽ پنجين ڏينهن صبح جو سوير هو وڃڻ لاءِ سنبريو؛ تڏهن ڇوڪريءَ جي پيءُ چيس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي دل کي آرام ڏي، ۽ جيستائين ڏينهن لڙي تيستائين ترسي پئُہ: پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ماني کاڌي.


۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ