Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ هن جو مڙس کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ هن جي پٺيان ويو. هن پاڻ سان پنهنجو نوڪر ۽ ٻہ گڏهہ بہ ڪاهيا. هو اتي پهتو تہ اها عورت کيس پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وٺي ويئي. جڏهن انهيءَ عورت جي پيءُ کيس ڏٺو تڏهن خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.


تنهنڪري هاڻي اوهين ڊڄو نہ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي ٻارن کي سنڀاليندو رهندس. پوءِ هنن کي دلداري ڏنائين، ۽ ساڻن پيار سان ڳالهايائين.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ.


تون پنهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ دشمني نہ رکج: تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ضرور ڏوراپو ڏج، ۽ انهي جو لحاظ ڪري، پنهنجي سر تي گناهہ نہ کڻج.


۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا.


۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا.


۽ هن جو مڙس يوسف، جو راستباز ماڻهو هو ۽ مرضي نہ هيس تہ هن کي خلق ۾ خوار ڪريان، تنهن خيال ڪيو تہ هن کي پنهنجي پر ۾ ڇڏي ڏيان.


هن چيو تہ اي خداوند، ڪنهن بہ نہ. يسوع چيس، تہ آئون بہ توتي فتويٰ نٿو ڏيان، هلي وڃ، اڄ کانپوءِ وري گناهہ نہ ڪج.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


پر ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ڪڻڪ جي فصل لهڻ وقت، سمسون هڪڙو ڇيلو کڻي پنهنجيءَ زال کي گڏجڻ لاءِ ويو؛ ۽ هن چيو تہ آءٌ ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي زال سان صحبت ڪندس. پر سندس زال جي پيءُ هن کي اندر وڃڻ نہ ڏنو.


۽ هن جي سريت کانئس ڦري ڪسبياڻي ٿي، ۽ هن وٽان ڀڄي بيت لحم يهوداہ ڏانهن، پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي، ۽ اُتي چار مهينا وڃي رهي.


تڏهن اُها زال پرهہ ڦٽيءَ مهل آئي، ۽ جنهن ماڻهوءَ جي گهر سندس مڙس رهيل هو، تنهن جي در تي ڪري پيئي، جيستائين ڪ سوجهرو ٿيو.


۽ هن جي سهري، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي رهائي ڇڏيو؛ ۽ هو هن وٽ ٽي ڏينهن رهيو: انهيءَ طرح اُتي هنن کاڌو پيتو ۽ ٽڪي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ