Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن جي سريت کانئس ڦري ڪسبياڻي ٿي، ۽ هن وٽان ڀڄي بيت لحم يهوداہ ڏانهن، پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي، ۽ اُتي چار مهينا وڃي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙي ڏينهن هوءَ کانئس ناراض ٿي هن وٽان نڪري يهوداہ واري بيت‌لحم شهر ۾، پنهنجي پيءُ جي گھر هلي ويئي. اُتي هوءَ چار مهينا کن رهي پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:2
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو اسورين سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، ڇالاءِ جو توکي ڍؤ ئي نٿي ٿيو؛ هائو، تو هنن سان زناڪاري ڪئي آهي تہ بہ توکي اڃا ڍؤ نہ ٿيو آهي.


۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، ۽ هيئن ٿيو تہ افرائيم جي ڪوهستان جي پرين پاسي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن بيت لحم يهوداہ جي هڪڙي زال سريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.


۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ