Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هو صرعہ ۽ استال ۾ پنهنجن ڀائرن وٽ آيا: ۽ سندن ڀائرن انهن جو احوال پڇيو تہ هو ڇا ٿا چون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اُهي پنج ئي ماڻهو صرعہ ۽ استال شهرن ۾ موٽي آيا تڏهن سندن ڀائرن کانئن اُتان جو احوال ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماٿريءَ ۾، استاول، ۽ صرعاہ، ۽ اسناہ؛


۽ دان جي قبيلي مان منوحہ نالي صرعہ جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهيءَ جي زال سنڍ هئي ۽ ٻار ڪونہ ٿيندو هوس.


تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو.


۽ اُتان دان جي قبيلي مان، صرعہ ۽ استال منجهان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتا.


۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.


تڏهن اُهي پنج ماڻهو اُتان روانا ٿيا، ۽ ليس ۾ آيا، ۽ ڏٺائون تہ جيڪي ماڻهو اُتي هئا، تن صيدانين وانگر آرام ۽ امن ۾ پئي گذاريو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبہ اختياريءَ وارو ڪونہ هو، جو هنن کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو ڪري، ۽ اُهي صيدانين کان پري هئا، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هون.


تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي هنن جو مقابلو ڪريون: ڇالاءِ جو اسان زمين ڏٺي آهي، ۽ اُها تمام عمدي آهي: ۽ اوهين ماٺ ڪري ويٺا آهيو ڇا؟ هلي انهيءَ زمين کي هٿ ڪريو، ۽ منجهس رهو، ۽ سستي نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ