Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن اُهي پنج ماڻهو اُتان روانا ٿيا، ۽ ليس ۾ آيا، ۽ ڏٺائون تہ جيڪي ماڻهو اُتي هئا، تن صيدانين وانگر آرام ۽ امن ۾ پئي گذاريو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبہ اختياريءَ وارو ڪونہ هو، جو هنن کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو ڪري، ۽ اُهي صيدانين کان پري هئا، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو.


۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


۽ انهن سڻڀو ۽ چڱو چارو لڌو، ۽ زمين ڪشادي، ۽ ماٺ ۽ آرام واري هئي؛ ڇالاءِ جو قديم وقت ۾ اُتي جيڪي رهندا هئا سي حام جو اولاد هئا.


خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن.


ڇالاءِ جو نيڪ ماڻهوءَ کي حاڪم جو ڊپ ڪونهي پر بدڪار کي آهي. ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي حاڪم جو ڊپ نہ رهي؟ تہ پوءِ نيڪي ڪر تہ اُهو تنهنجي تعريف ڪندو:


۽ بني دان جي سرحد انهن کان پري هلي ويئي، ڇالاءِ جو بني دان وڃي لشم سان وڙهيا ۽ اهو ورتائون، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري قبضو ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ رهيا؛ ۽ لشم کي پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، دان سڏيائون.


۽ حاڪمن جا هن ڪري جو هو بدڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ ۽ نيڪي ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن.


جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.


۽ انهيءَ شهر جو نالو هنن دان رکيو، يعني پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، جو اسرائيل جو پٽ هو: پر اڳي انهيءَ شهر جو نالو ليس هو.


۽ ڪاهن هنن کي چيو تہ سلامتيءَ سان هليا وڃو: جنهن رستي تي اوهين وڃو ٿا سو خداوند جي اڳيان آهي.


۽ هو صرعہ ۽ استال ۾ پنهنجن ڀائرن وٽ آيا: ۽ سندن ڀائرن انهن جو احوال پڇيو تہ هو ڇا ٿا چون؟


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ