Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:2 - Sindhi Bible

2 ۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو بني دان صرعہ ۽ استال شهرن مان پنهنجي قبيلي جا پنج بهادر ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليا تہ وڃي ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڪو چڱو علائقو جاچي اچن. سو انهن کي چيو ويو تہ ”وڃي ملڪ ۾ ڪو چڱو علائقو جاچي اچو.“ تڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا ۽ ميڪاہ جي گھر ۾ رات رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.


سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.


۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،


يا اُهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي بادشاهہ سان جنگ ۾ مقابلو ڪرڻ وڃي، تہ پهريائين ويهي صلاح مصلحت نہ ڪري، تہ هو جو ويهن هزارن سان مون تي چڙهائي ڪري ٿو اچي، تنهن جي سامهون آئون پنهنجن ڏهن هزارن سان بيهي سگهندس يا نہ؟


۽ ماٿريءَ ۾، استاول، ۽ صرعاہ، ۽ اسناہ؛


۽ انهن جي موروثي حصي جي سرحد هئي صرعاہ، ۽ استال، عيرشمس؛


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.


۽ دان جي قبيلي مان منوحہ نالي صرعہ جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهيءَ جي زال سنڍ هئي ۽ ٻار ڪونہ ٿيندو هوس.


۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.


تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو.


۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو.


۽ اُتان دان جي قبيلي مان، صرعہ ۽ استال منجهان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتا.


۽ اُتان هو لنگهي افرائيم جي ڪوهستان ڏانهن ويا، ۽ ميڪاہ جي گهر آيا.


جڏهن هو ميڪاہ جي گهر کي ويجهو آيا، تڏهن هنن انهيءَ جوان لاويءَ جو آواز سڃاتو؛ ۽ هو ڦري اُتي آيا، ۽ هن کي چيائون تہ توکي هت ڪنهن آندو؟ ۽ تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تنهنجو هتي ڇا آهي؟


۽ هو صرعہ ۽ استال ۾ پنهنجن ڀائرن وٽ آيا: ۽ سندن ڀائرن انهن جو احوال پڇيو تہ هو ڇا ٿا چون؟


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، ۽ هيئن ٿيو تہ افرائيم جي ڪوهستان جي پرين پاسي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن بيت لحم يهوداہ جي هڪڙي زال سريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.


تڏهن هن چيس تہ اسين بيت لحم يهوداہ کان لنگهي افرائيم جي ڪوهستان جي پرئين پاسي ٿا وڃون: آءٌ اچان بہ اُتان ٿو، ۽ بيت لحم يهوداہ ڏانهن ويو هوس: ۽ آءٌ هاڻي خداوند جي گهر ڏانهن ٿو وڃان؛ ۽ اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو مون کي پنهنجي گهر ۾ وٺي هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ