Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 17:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو جڏهن هن اهي سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس انهن مان ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهن چانديءَ جي سڪن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺاهيو. اُهو ميڪاہ جي گھر ۾ رکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 17:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


واڍو ڏور ڇڪي ٿو ۽ انهيءَ سان نشان ٿو ڪري؛ هو رندن سان انهيءَ کي صاف ٿو ڪري، ۽ پرڪارن سان انهي جا نشان ظاهر ٿو ڪري، ۽ انسان جي صورت موجب، انسان جي سهڻي شڪل بنائي ٿو تہ گهر ۾ رکي.


اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو.


جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.


پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان.


۽ انهيءَ ماڻهو ميڪاہ وٽ معبودن جو هڪڙو گهر هو، ۽ هن هڪڙو افود ۽ ترافيم جوڙيو، ۽ پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪيو هئائين تہ سندس ڪاهن ٿئي.


۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ