Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 17:2 - Sindhi Bible

2 ۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو تہ ”تنهنجا يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا جيڪي چوري ٿي ويا هئا ۽ انهن بابت تو کي پٽ پاراتو ڪندي ٻڌو هئم، سي مون وٽ آهن. اُهي مون ئي کنيا هئا.“ تڏهن ماڻس چيس تہ ”منهنجا پٽ! شل خداوند تو کي برڪت ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 17:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ اهو ڪو ڏوهہ ناهي، سو هڪڙي ناس ڪندڙ ماڻهو جو سنگتي آهي.


لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.


تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان.


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي.


۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو.


پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان.


خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي.


۽ هن چيو تہ منهنجي ڌيءَ، خداوند توکي برڪت وارو ڪري: تو منڍ کان پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ مهرباني ڏيکاري آهي، جو تون غريب توڙي شاهوڪار جوانن جي پٺيان نہ ويئينءَ.


۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.


تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا.


۽ سموئيل سائول وٽ آيو: ۽ سائول کيس چيو تہ شل خداوند جي توتي برڪت هجي: مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.


۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ